SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


آئيني ضابطي وارو نظريو


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


آئيني ضابطي وارو نظريو

Constitutional Order Theory

ڪانسٽيٽيوشنل آرڊر ٿيئري

نامياري سياسي دانشور Philip Bobbitt (فلپ بابي) پنهنجي ڪتاب The Shield of Achilles ۾ چيو آهي، ته فوجي ۽ آئيني طريقن ۾ مطابقت ۽ موافقت جي ذريعي رياست جو آئيني سرشتو تبديل ٿي وڃي ٿو. سندس خيال موجب، قديم دور جي جنگين جي نتيجي ۾ مخصوص آئيني ڍانچا نروار ٿيا، ڇاڪاڻ جو آئيني سرشتو پنهنجي دور ۾ ٿيل آئيني ۽ فوجي ايجادن جي مُناسب استعمال سان اهميت حاصل ڪري ٿو. اهي امن معاهدا جن وڏين جنگين جو خاتمو آندو، تن آخرڪار رياستي معاشري ۾ آئيني نظامن کي متعارف ڪرايو ۽ هر آئيني نظام منفرد قسم جي حقيقي ۽ قانوني بُنيادن کي جنم ڏئي ٿو. هي نظريو قومن جي لاڳاپن، انهن ۾ تبديلين ۽ عالمي نظام جي اوسر بابت بهتر طريقي سان وضاحتون ڏئي ٿو ۽ ”نيوريئلزم“ جي ان موقف کي رد ڪري ٿو، ته هر رياست ”طاقت جو توازن“ واري اصول ذريعي، پنهنجو وجود قائم رکڻ لاءِ فقط قومي مُفادن کي اهميت ڏئي ٿي.


Remember Me Also:

ڪمخواب

ذ. اوچي ڪپڙي جو هڪ قسم ، ڪيمخواب.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal